سنڌ پوليس ٽيڪنالوجي ذريعي 802 شهرين کي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ پوليس اٺ سئو کان وڌيڪ شهرين کي ڪچي جي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.
هڪ بيان ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ انڪشاف ڪيو ته هلندڙ سال دوران سنڌ پوليس حساس ادارن جي مدد سان سڄي ملڪ جي 802 شهرين کي ڪچي جي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيڻ کان بچايو.
آءِ جي سنڌ موجب، 330 شهري اغوا ڪيا ويا جن مان 307 شهري بازياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته 23 شهرين جي اغوا جا ڪيس اڃا تائين حل نه ٿي سگهيا آهن جنهن لاءِ ڪوششون جاري آهن.
هن چيو ته هو شهرين کي ڌاڙيلن جي واردات جي طريقيڪار کان خبردار ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالوجي استعمال ڪري رهيا آهن ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن جي ڪميونيڪشن مانيٽر ڪئي پئي وڃي.
آءِ جي سنڌ چيو ته ڌاڙيل ملڪ مختلف شهرن سان واسطو رکندڙ شهرين کي عورتاڻي آواز ذريعي دوستيءَ جو ڏٽو ڏيندا آهن ۽ ٻيو سستو سامان وڪڻڻ لاءِ فون تي ڦاسائيندا آهن.
آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته پوليس انهن فون نمبرز تي رابطو ڪري شهرين کي سنڌ يا ڪچي واري علائقي ۾ اچڻ کان خبردار ڪندي آگاهه ڪندي آهي ته هو جوابدارن جي ڏٽي ۾ اچڻ کان بچن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.