خيبرپختونخوا: پوليو ٽيم تي فائرنگ، هڪ اهلڪار شهيد، ٻيو زخمي

اورڪزئي (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي ضلعي اوزڪزئي ۾ هٿيابندن پوليو ٽيم تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو.
پوليس موجب، اپر اورڪزئي جي علائقي ڊبوري بادان ڪلي ۾ پوليو ٽيم پنهنجا فرض انجام ڏئي رهي هئي ان دوران هٿيابندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ايف سي موقفي تي پهچي وئي جنهن کانپوءِ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.