اهم خبر، بشريٰ بي بي کي وڏو عدالتي رليف ملي ويو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بي بي کي داخل ڪيسن ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.

پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شڪيل احمد ۽ جسٽس ضاحبزاده اسد الله تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ بشريٰ بي بي جي خلاف ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت بشريٰ بي بي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته خيبرپختونخوا ۾ ته ڪو ڪيس نه هوندو؟ جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته بشريٰ بي بي خلاف هتي ڪو به ڪيس نه آهي، انڪري هوءَ هتي آئي آهي.

جسٽس صاحبزاده اسد الله چيو ته بشريٰ بي بي خلاف هتي ڪيس ناهي ته ڇا ٻين صوبن لاءِ اسان حفاظتي ضمانت ڏئي سگهون ٿا؟ ان تي وڪيل قاضي انور چيو ته ٻين صوبن ۾ ڪيس هجڻ جي صورت ۾هتان حفاظتي ضمانت وٺي سگهون ٿا، ٻين صوبن جي اڳواڻن کي پهريان ضمانتون ڏنيون ويون آهن.

عدالت اٽارني جنرل آفيس کي هدايت ڪئي ته درخواستگذار خلاف ڪيسن بابت رپورٽ جمع ڪرائي وڃي ۽ درخواستگذار کي ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن جڏهن ته نيب، ايف آءِ اي سميت لاڳاپيل ڌريون 14 ڏينهن اندر رپورٽ جمع ڪرائين.

ان کانپوءِ عدالت درخواستگذار بشريٰ بي بي کي داخل ڪيسن ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.