” منافق ناهيان، الله هلائي ٿو“ فردوس جمال جي ماهرا ۽ همايون بابت بيان تي وضاحت

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان شوبز انڊسٽريءَ جي سينيئر اداڪار فردوس جمال اداڪارا ماهرا خان ۽ همايون سعيد بابت پنهنجي بيان تي وضاحت ڪري ڇڏي.
ڪجهه مهينا اڳ فردوس جمال هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ماهرا خان جي وڌندڙ عمر ۽ اداڪار همايون سعيد جي اداڪاري ۾ ڌاڙو هڻڻ بابت تبصرو ڪيو هو جيڪو سوشل ميڊيا ڪيئي ڏينهن تائين وائرل ٿيندو رهيو.
ان کانپوءِ مختلف اداڪارن ۽ فلمسازن طرفان فردڪس جمال جي بيان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو جنهن تي سندس ڪو به ردعمل سامهون نه آيو هو.
پر هاڻي هڪ تازي انٽرويوءَ دوران سينيئر اداڪار فردوس جمال پنهنجي بيان جي وضاحت ڪئي.
ميزبان سينيئر اداڪار کان سوال پڇيو ته اداڪارا ماهرا خان ۽ همايون سعيد بابت بيان کانپوءِ هڪ نجي چئنل اوهان تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.
جنهن جي جواب ۾ فردوس جمال چيو ته جڏهن اوهان کي الله تي يقين هجي ته رزق ڏيڻ وارو رب آهي ته ڪو به ماڻهو يا ادارو منهنجو رزق بند نٿو ڪري سگهي.
هن چيو ته ايڏي مخالفت باوجود به الله مون کي رزق ڏئي رهيو آهي، جڏهن الله ڏئي ٿو ته پوءِ مون کي ڪنهن کان خوفزده ٿيڻ يا تعريفون ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.
فردوس جمال چيو ته جيڪڏهن مون کي ڪنهن ۾ خامي نظر ايندي ايندي ته مان اصلاح نه ڪيا ته ان جو مطلب آهي مان منافق آهيان پر مان منافق نه آهيان انڪري ماهرا خان ۽ اداڪار همايون سعيد بابت ڳالهايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.