ممبئي ( ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ارجن ڪپور نيٺ ملائيڪا اروڙا سان رشتي جي خاتمي جي تصديق ڪري ڇڏي.
ويجهڙائي ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيوز وائرل ٿي رهي هئي جيڪا ” ڏياري “ جي هڪ تقريب دوران فلمائي وئي هئي، جنهن ۾ ارجن ڪپور سميت سندس نئين ايندڙ فلم ” سنگهم اگين“ جي مرڪزي ڪاسٽ موجود هئي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جڏهن ارجن ڪپور جڏهن هٿ ۾ مائيڪ پڪڙي ۽ هو ڪجهه چوڻ وارو هو ته اتي موجود ماڻهن ملائيڪا جو نالو کڻي رڙيون ڪرڻ لڳا.
ارجن ڪپور آواز ٻڌندي ئي چيو ” مان في الحال سنگل آهيان“ ائين چئي هو مسڪرائڻ لڳو.
سوشل ميڊيا تي ڀارتي پيجز طرفان ڄاڻايل وڊيو شيئر ڪندي دعويٰ ڪئي وئي ته ارجن ڪپور ۽ ملائيڪا ۾ ويڇا وڌي ويا آهن ۽ ٻنهي جا رستا ڌار ٿي چڪا آهن.
هتي اِها ڳالهه پڻ ذڪر جوڳي آهي ته اِهو پهريون ڀيرو آهي جڏهن ارجن باظابطا طور پنهنجي ۽ ملائيڪا جي رومانوي لاڳاپن تي ڪو ردعمل ظاهر ڪيو آهي، ان کان اڳ ٻنهي طرفان پنهنجي رشتي جي سڌي ريت تصديق ڪئي وئي نه ترديد ڪئي وئي.
واضح رهي ته ڊگهي عرصي کان ٻنهي جي وچ ۾ بريڪ اَپ جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن پر جوڙي طرفان ان جي تصديق ناهي ڪئي وئي.
ان کان اڳ جڏهن ويجهڙائي ۾ ملائيڪا اروڙا جي پيءَ آپگهات ڪيو ته ان موقعي تي ارجن ڪپور آخري رسمن جي ادائيگي دوران ساڻس گڏ هو.
You might also like