لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽر فخر زمان جي پليئر ايجنٽ جي تبديليءَ بابت سندس ويجهن ذريعن ترديد ڪري ڇڏي.
اڱاري جي صبح فخر زمان جي وڏي ڀاءَ جي نالي سان ايڪس هينڊل تان هڪ پوسٽ شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ فخر زمان جي پنهنجي پليئر ايجنٽ سان عليحدگي بابت ٻڌايو ويو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پيغام ۾ گوهر زمان چيو ته هو وڏي ڀاءَ جي حيثيت سان تصديق ڪري رهيو آهيان ته فخر زمان ڪمپني جو حصو ناهي رهيو.
ذريعن موجب، مبينا طور سوشل ميڊيا پوسٽ سبب فخر زمان ڪمپني کان پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا آهن، پليئر ايجنٽ سوشل ميڊيا پوسٽ لاءِ مناسب وقت جي چونڊ نه ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فخز زمان جي ويجهن ماڻهن کي شڪ آهي ته هڪ ٻئي ڪرڪيٽر کي فائدو پهچائڻ لاءِ پوسٽ ڪئي وئي ۽ سوشل ميڊيا پوسٽ سبب فخر زمان ڏچي ۾ پئجي ويو .
واضح رهي ته فخر زمان کي نه سينٽرل ڪانٽريڪٽ مليو نه ئي وائيٽ بال ٽيم ۾ جاءِ ملي سگهي جڏهن ته سوشل ميڊيا پوسٽ کان اڳ فخر زمان جو نالو ڪپتان جي ڊوڙ ۾ پڻ شامل هو.
ٻئي پاسي ڪرڪيٽر جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته فخر زمان پليئر ايجنٽ تبديل نه ڪيو آهي، جڏهن ته سندس ڀاءَ جي مبينا ايڪس اڪائونٽ تان ٽوئيٽ پڻ ڊليٽ ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته گوهر زمان جي نالي سان ايڪس اڪائونٽ تي فخر زمان جي پليئر ايجنٽ سان لاتعلقي جي ٽوئيٽ ڪئي وئي هئي.
ان کان اڳ ماضي ۾ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهين آفريدي جي پليئر ايجنٽ تبديل ڪرڻ جا افواهه پڻ گردش ڪري رهيا هئا.
You might also like