ميٽا طرفان هٿرادو ذهانت ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي تي ٻڌل سرچ انجڻ جي تياري تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
هڪ رپورٽ موجب، ميٽا طرفان گوگل ۽ مائيڪرو سافٽ جي بنگ سرچ سرچ انجنز تي انحصار گهٽائڻ لاءِ پنهنجو اي آءِ سرچ انجڻ تيار ڪرڻ جو فيصل ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ چيٽ جي پي ٽي کي تيار ڪندڙ ڪمپني اوپن اي آءِ به پنهنجي اي آءِ سرچ انج۾ متعارف ڪرائي هئي ته جيئن ان شعبي ۾ گوگل سرچ جي بالادستي کي ختم ڪري سگهجي.
رپورٽ ۾ ذريعن جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو ويو آهي ته ميٽا جي سرچ انجڻ اي آءِ چيٽ بوٽ ۾ واهپيدارن کي تفصيل فراهم ڪندي.
في الحال نيوز، اسٽاڪس ۽ اسپورٽس وغيرا جي تفصيل لاءِ ميٽا کي گوگل ۽ بنگ سرچ انجنز تي ڀارڻو پوندو آهي.
ميٽا طرفان رپورٽ تي اڃا تائين ڪو به ردعمل ظاهر نه ڪيو ويو آهي، پر ميٽا ڪجهه ڏينهن اڳ خابرو اداري رائٽرز سان معاهدو ڪيو هو ته جيئن ان جو مواد استعمال ڪري واهپيدارن کي تازه ترين خبرن بابت سوالن جا جواب ڏئي سگهجن .
گوگل طرفان به انهتائي تيزيءَ سان اي آءِ ماڊل جيمنائي کي سرچ انجڻ جو حصو بڻايو پيو وڃي ته جيئن واهپيدارن لاءِ ويب سرچنگ جو تجربو وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي.
اوپن اي آءِ کي ان مقصد لاءِ مائيڪرو سافٽ بنگ تي ڀاڙڻو پوندو آهي ۽ ان جو پنهنجو سرچ انجڻ في الحال مڪمل طور فعال ناهي ٿي سگهيو.
You might also like