ملڪ جي سياست ۾ وفاق طرفان ننڍن صوبن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ انھن جي ماڻھن جي حقن کي بلڊوز ڪرڻ جو سوال شروع کان ئي موجود رھيو آھي.جنھن ڪري ننڍن صوبن ۾ ڪم ڪندڙ سياسي جماعتن جا اڳواڻ ھميشھ اھا دانھن ڪندا رھيا آھن پر ان تي ڪنھن بھ وڏي جماعت ڌيان نھ ڏنو آھي. اھو ضرور ٿيندو آھي تھ اپوزيشن ۾ ھئڻ دوران ملڪ جون اھم جماعتون ننڍن صوبن جي مسئلن تي ھمدردي جو اظھار ڪنديون آھن ۽ ان سان وفاق توڙي اسٽيبلشمينٽ کي ننڍن صوبن جي حقن جي حوالي سان ڳالهھ ڪري يا وري ھمدردي جتائيندي ان بنياد تي وفاقي ڍانچي ۾ پنھنجي جاءِ ضرور پئدا ڪندويون رھيون آھن.
ھاڻوڪي چونڊن کي دنيا جي اھم ميڊيا جي رپورٽن ۾ ڌانڌلي واري حڪومت قرار ڏنو ويو آھي ان ھوندي بھ ڪافي علائقن ۽ تڪن ۾ عوام اسٽيبلشمينٽ جي اڳتي آندل مھرن کي شڪست ڏني آھي. بلوچستان ۾ پڻ اھڙي صورتحال پئدا ڪئي وئي ان ھوندي بھ بلوچستان نيشنل پارٽي ( مينگل) جا اميدوار ڪامياب ٿيا.
بي اين پي سربراهه اختر مينگل خلاف اسلام آباد ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، اھو سڀ ڪجھه تڏھن ٿيو جڏھن ھن ھاڻوڪي 26ھين آئيني ترميم ۾ ووٽ نھ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان بابت پنھنجن ويچارن جو اظھار ڪيو. شايد سردار اختر مينگل واحد ماڻھو ھوندو جنھن آئيني ترميم بابت واضح نموني پنھنجو موقف بھ رکيو ۽ اھا دانھن بھ ڪئي تھ سندس ٻن سينيٽرن کي ڌمڪائي ڪري آئيني ترميم ۾ ووٽ ڏيڻ جي لاءِ مجبور ڪيو ويو. گذريل ڏينھن ھڪ نجي ٽي ويي چئنل سان ڳالھائيندي سردار اختر مينگل جو چوڻ ھو تھھو هڪ ڪمزور صوبي سان تعلق رکن ٿا. ھن جو اھو بھ چوڻ ھو تھ اسان لاءِ پاڪستان ۾ هاڻي سياست جي گنجائش ناهي.سردار اختر مينگل جيڪو فقط ڪجھھ وقت اڳ ھاڻوڪي حڪومت جو حصو ھو، نھ رڳو ايترو پر پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ختم ڪرڻ جي لاءِ بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ وقت بھ ھو گڏيل اتحاد ۾ شامل ھو.
بلوچستان نيشنل پارٽي( بي اين پي) مسلم ليگ ن سان مختلف وقتن تي اتحادي رھي آھي ۽ جڏھن ان جماعت کي بي اين بي،جي ووٽن جي ضرورت ھئي تھ ان کي خاص اھميت ڏني وئي ھئي پر جڏھن ھنن جو ڪم نڪري ويو تھ ننڍي صوبي جي ننڍي جماعت جي ھڪ بالغ سياستدان جي مٿان دھشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ننڍپن صوبن سان ناڻي،پاڻي توڙي اتي جي عوام جي حقن کان منھن موڙي ڪري زيادتيءَ ڪئي ويندي رھي آھي.سنڌ ۾ ھن وقت پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف تحريڪ ھلي رھي آھي.وفاق سمورن قاعدن ۽ قانون جي لتاڙ ڪندي سنڌ حڪومت جا پاڻي بابت اعتراض بي رحمي سان بلڊوز ڪري رھيو آھي.
پاڻي جي وسيلن جي کوٽ سبب پنجاب غيرقانوني طور ملڪ ۾دستياب پاڻي تي پنھنجو پھريون ۽ حتمي حق سمجھندي لکين ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ نوان ڪئنال ڪڍڻ شروع ڪري ڏنا آھن. گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام جي ايجنڊا تي عمل ڪندي بنجر زمين آباد ڪرڻ ۾ گھڻي تڪڙ ڪري رھيو آھي.جنھن دوران ارسا ۽ وفاق جي ادارن جي قانونن کي پٺي ڏئي رھيو آھي.
نون ڇھن ڪئنالن ۾ گريٽر ٿل ڪينال جي ٻئي مرحلي ۾ چوبار ڪئنال، ڪچي ڪئنال، ريڻي ڪئنال، ٿر ڪئنال، چشما رائٽ بئنڪ ڪئنال ۽ چولستان فلڊ فيڊر ڪينال شامل آھن. جنھن سان 35 لک 80ھزار ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي.سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽيءَ جي فيصلي وقت سنڌ جي اعتراضن کي مڪمل طور نظرانداز ڪندي چولستان فلڊ فيڊر ڪئنال جي منظوري ڏني وئي آھي.
ارسا جنوري 2024 ۾ ذڪر ڪيل رٿا جي لاءِ پاڻي جي موجودگيءَ جي تصديق ڪئي پر ڳالھھ ايتري سادي نھ آھي سنڌ جو چوڻ آھي ته ستلج کي پاڻي تڏھن ملي ٿو جڏهن هندستان واڌو پاڻي ھن طرف وھائي ٿو. ان ڪري،اھو سمورو ڪئنال سسٽم ھڪ فرض ڳالھھ تي ٻڌل آھي.ان ھوندي بھ وفاق سنڌ جي ڳالھھ کي ڌيان ۾ آندو آھي.سنڌ صوبو،گريٽر ٿل ڪئنال جي چوبار شاخ تي پڻ اعتراض ڪندي رهي آهي. ارسا اھا رٿ 7 مئي 2002ع تي منظور ڪئي ھئي. ھتي اھو بھ چٽو ڪجي ٿو تھ ارسا ۾ سنڌ ۽ وفاقي ميمبرن پڻ ان رٿا جي مخالفت ڪئي ھئي. نھ رڳو ايترو پر سنڌ اسيمبلي 2003ع ۾ اتفاق راءِ سان ٻھ ڀيرا ٺهراءُ منظور ڪري ان کي رد ڪري ڇڏيو ھو. سنڌ جي مسلسل مخالفت باوجود ايڪنڪ 16 مارچ 2022 تي اھا رٿا منظوري ڪري ڇڏي.ھن وقت بھ سنڌ جو اھڙو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ حتمي فيصلي جو انتظار آهي. اھو درست آھي تھ اھڙين تڪرار معاملن کي نبيرڻ جي لاءِ ملڪ جي آئين ۾ ادارا جوڙيل آھن اتي اھي ڪيس پيش ڪري سگھجن ٿا پر ڪجھھ سالن کان جيڪو ڪجھھ سنڌ سان خاص ڪري پاڻي جي سلسلي ۾ ٿي رھيو آھي ان سان عوام ۾ ڪاوڙ پئدا ٿيڻ لازمي ڳالھھ آھي.جيڪڏھن انھن ادارن ھوندي بھ وفاق ڏاڍ مڙسي جو مظاھرو ڪندو رھي ٿو تھ ان سان وفاق جي ساک کي پورائي نھ سگھڻ جھڙو نقصان ٿي رھيو آھي.
وفاق پنھنجي ھوڏ تي قائم رھندي ننڍن صوبن سان ڪيترن ئي معاملن ۾ ارھ زورائي ڪري ٿو،سياست جو ميدان ھجي راند جو ميدان ھجي،نوڪرن جو ميدان ھجي يا وري معاشي ۽ اقتصادي شعبو ھجي،وفاق جي روش ساڳي ريت جاري آھي.جنھن ڪري اڳي کان ئي ننڍن صوبن ۾ موجود محرومي جو احساس وڌي رھيو آھي.ان سان وري بھ وفاقي ڍانچي کي نقصان رسڻ جو خدشو آھي.
جيتوڻيڪ اھا مڃيل ڳالھھ آھي تھ ڪنھن يونٽ جي ايراضي يا ڪنھن جي آبادي وڏي ھئڻ ڪري ان کي ڪنھن بھ قانون ۾ مٿڀرائپ حاصل نٿي ٿئي،پر اھڙن عالمي طور قبوليل ۽ آئين توڙي قانون جي ڪتابن ۾ لکيل چٽن اصولن کي وفاق ھڪ ئي ڌڪ سان لتاڙي ٿو ڇڏي،جنھن ڪري وفاق جي ملڪ جي آئين ۾ لکيل معني ڪھڙي بھ ھجي پر ھاڻي ننڍا صوبا سمجھن ٿا تھ ھتي ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ جو واحد اصول آھي جنھن تي عمل ڪيو وڃي ٿو.پر ان سان ملڪ، رياست ۽ وفاق کي تمام وڏو نقصان ٿي رھيو آھي.
 
			