ميهڙويجهو زرعي پاڻي تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، 4 زخمي

ميھڙ)رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ ڀرسان سنڌي ٻٽڙا واري علائقي ڳوٽ ڪوٺي کوکر ڀرسان ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زرعي پاڻي جي مسئلي تان جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ دوران هڪ ڄڻو محمد مٺل ڀرٽ گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو، واٽهڙي سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، علائقي ۾ ھڪ ڪلاڪ تائين ھلندڙ فائرنگ سبب علائقو ميدان جنگ بڻيل رھيو، علائقي واسين پھچي زخمين پرويز ڀرٽ، بخشل ڀرٽ، غلام مصطفيٰ ڀرٽ ۽ واٽھڙو سجاد سولنگي کي تعلقي  اسپتال ميھڙ آندو ويو، تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ موجود زخمين ۽ مقتول جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسين زرعي زمين تي پاڻي جو جھٽو ھڻي پاڻي نيڪال ڪري رھيا ھئاسين ته جوابدار مجيد ڀرٽ جي بڇ تي ھٿياربندن سجاد ، مور ، نورل ڀرٽ ۽ ٻين اسان تي حملو ڪيو سڌي فائرنگ ڪئي جنھن سبب ھڪ ڄڻو مارجي ويو آھي ۽ ٻيا زخمي ٿيا آھن، ھوڏانھن پوليس موجب ته ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻي واري مسئلي تان ڇڪتاڻ ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.