شهريار شر مٿان حملي وارو ڪيس، اڳوڻو ايس ايڇ او عدالت ۾ پيش

گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو(رپورٽ: خالد وسير+ ڊ ر) اڳواڻي ايم پي اي سردار شهريار خان شر مٿان ٿيل حملي ۾ مارجي ويل علي محمد شر جي ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي ڪورٽ ميرپورماٿيلي ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ جوابدار ايس ايڇ او عبدالشڪور لاکو کي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، شڪور لاکو کي بڪتربند گاڏي ۾ ڪورٽ آندو ويو، جڏھن ته عدالت سڳوري پاران ٻيهر حاضري ستن ڏينهن کان پوءِ رکي وئي آهي، جڏهن ته ڪيس جو جاچ آفيسر احمد علي ھاليپٽو فريادي ڌر جو وڪيل فرمان شر، جوابدار ڌر جو وڪيل انور لوھار پيش ٿيا. ان موقعي تي جوابدار ايس ايڇ او عبدالشڪور لاکو ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته مون مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري مون کي بي گناهھ ڦاسايو ويو آهي، جيڪا مون سان وڏي زيادتي آهي هن چيو ته مون کي عدالت سڳوري مٿان پورو يقين آهي ته مون کي انصاف ملندو. جوابدار ڌر جي وڪيل انور لوهار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ پوليس آفيسر کي ايس ايس پي آفيس گهرائي ناحق هڪ ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي اسان عدالت کي درخواست ڪئي آهي ته عدالت سڳوري سي ڊي آر ڪڍرائي ته واقعي واري هنڌ ڪير موجود هو ۽ ايس ايڇ او شڪور لاکو جي به سي ڊي آر ڪڍرائي وڃي ڇو جو هو واقعي واري وقت ايس ايس پي آفيس ۾ موجود هو سي ڊي آر اچڻ کان پوءِ سڀ خبر پئجي ويندي ۽ هي بلائينڊ ڪيس واضع ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.