اسلام آباد/دبئي(م ڊ)بي اين پي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته اسان هڪ ڪمزور صوبي سان تعلق رکون ٿا، ماضي ۾پنجاب جهڙي وڏي صوبي جي اڳواڻ جو بيان نه وسارڻ گهرجي، دبئي پهچي پيغام مليو ته دهشت گردي جو ڪيس داخل ٿيو آهي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته قاسم رونجهو مشرف دور ۾ به مشڪلات برداشت ڪئي، هو والد صاحب جو انتهائي ويجهو هو، ڪنهن جي پيشاني تي ناهي لکيل ته ڪير وفا ڪندو ڪير جفا ڪندو،هن چيو ته قاسم رونجهو جڏهن استعيفيٰ ڏني مون کيس چيو ته شايد توهان جي استعيفيٰ قبول نه ڪئي وڃي، نسيمه احسان جي پٽن جا فون بند آهن،مون کي اطلاع آهن ته هن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اسان لاءِ پاڪستان ۾ هاڻي سياست جي گنجائش ناهي، اسان انهن جي ورتاءُ مان سبق ناهي سکيو،هن چيو ته قاضي فائز عيسيٰ مان اسان اميدون رکيون هيون، مان هن جو بيڪ گرائونڊ ڄاڻان ٿو، هن کي جڏهن بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻايو ويو تڏهن هو ڪنهن چئنل/ذريعي آيو اها سڀني کي خبر آهي،ان مان انصاف جي ڪهڙي اميد رکي پئي سگهجي، جڏهن هن تي ڪڙو وقت آيو ته هو انصاف لاءِ روئي رهيو هو،هن جي فطرت ۾ وفا ناهي،هن چيو ته بلوچستان مان وزيراعظم آيا، وزير آيا، چيف جسٽس آيو پر بلوچستان جو ڪيس انهن جي هٿن ۾ ناهي