سڪرنڊ ۾ پراسرار بيماري 3 حياتيون کسي ورتيون، 15 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا معذور

سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ حبيب الله چانڊيو ۾ ھڏن جي پراسرار بيماري 3 حياتيون کسي ورتيون. 15 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا بيماريءَ سبب معذور بڻجي ويا. سرڪار پاران ڪا به سهائتا نه ڪئي وئي ۽ نه ئي صحت کاتي پاران مستقل طور تي ٽيمون موڪلي علاج ڪرايو ويو. ياد رهي ته هن هڏن جي پراسرار بيماريءَ سبب شمس الدين چانڊيو عمر 55 سال، انوار ۽ نظر الدين عمر 15 سال فوت ٿي چڪا آهن، جڏھن ته معذورن ۾ 30 سالن جون عورتون سميه  ۽ فرزانه چانڊيو ۽  مردن ۾ ارشاد علي عمر 18 سال، عزيز علي عمر 16 سال، خالد عمر 30 سال شامل آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته انتهائي غريب ۽ مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندا آهيون. علاج لاءِ لکين رپيا گهرجن جن جو پورائو ڪرڻ اسان جي وس ۾ ناهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته ترت ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي هن موتمار بيماريءَ جو علاج ڪيو وڃي ۽ وڌيڪ پکڙجڻ تي ضابطو آندو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.