جنرل عاصم منير انتهاپسندن خلاف سگهارو آواز:آمريڪي رسالو

اسلام آباد(م ڊ) آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي جرنل آرمي چيف جنرل عاصم منير جي پيشيوراڻين ۽ قائداڻين صلاحيتن جو اعتراف ڪندي کيس انتهاپسندي خلاف مضبوط آواز ۽ پاڪستان جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر عزم قرار ڏنو ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪاوشن، علائقائي ۽ قومي استحڪام لاءِ سندس ڪوششن، ڪردار ۽ سماجي-اقتصادي قدمن تي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي، جرنل موجب، جنرل عاصم منير جي اڳواڻي ۾  شدت پسند گروپن خلاف وسيع فوجي آپريشن ڪيا ويا، جن ۾ 22 هزار 409 انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز شامل هئا، جن جي نتيجي ۾ 398 دهشتگرد مارجي ويا، پاڪ فوج جي سربراهه واضح ڪيو ته دهشتگردن کي رياست جي رٽ آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا، پاڪستان  دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندو، جنرل عاصم منير جي پرڏيهي جارحيت جو جواب ڏيڻ جي صلاحيت جو اعتراف ڪندي جرنل لکيو ته پاڪستان ايراني ميزائل حملن کانپوءِ ايران ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو.ٻي پاسي دفاعي ماهرن سينٽ ڪام ميگزين جي جنرل عاصم منير تي لکيل آرٽيڪل کي غير معمولي قرار ڏيندي چيو ته ميگزين پاران تعريف تمام گهڻي معيٰ رکي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.