وينا ملڪ جي پنهنجي نئين عشق بابت نوان انڪشاف

لاهور ( ويب يسڪ ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل وينا ملڪ اڄڪلهه خبرن ۾ هجڻ جو اهم سبب سندس نئين محبت يعني شهريار چوڌري نالي شخص آهي.
وينا ملڪ اڄڪلهه ٽِڪ ٽاڪر شهريار چوڌري سان لاڳاپن سبب خبرن ۾ آهي جيڪو کائنس عمر ۾ ڇهه سال ننڍو آهي، ٻنهي جي وچ ۾ تحفن جي ڏي وٺ جو سلسلو پڻ جاري آهي جيڪو سوشل ميڊيا تي به ڏسي سگهجي ٿو.
اداڪارا جي مداح سندس شهريار چوڌريءَ جو سوشل ميڊيا اڪائونٽ هينڊل بابت ئي ڄاڻن ٿا، هو ٽِڪ ٽاڪ تي وڊيو ڪانٽينٽ به ٺاهيندو آهي پر سندس چهرو هنيئر تائين ڪنهن به ناهي ڏٺو.
شهريار چوڌري سوشل ميڊيا اڪائونٽ هئڻ باوجود به سڀني جي نظرن کان اوجهل آهي جڏهن ته هو پيشي جي لحاظ کان بزنس مين ۽ انٽرپرنيئر آهي.
ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويوءَ دوران جتي وينا شوبز تان عارضي وقفي ۽ پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي لاهن چاڙهن تي ڳالهايو، اتي پنهنجي زندگيءَ ۾ آيل مسٽري مين شهريار چوڌريءَ بابت پڻ ڪيئي انڪشاف ڪيا.
شهريار چوڌري بابت وينا ملڪ چيو ته هن کيس زندگي جي هاڪاري ۽ انوکو رخ ڏيکاريو، سندس حافظِ قرآن هجڻ واري خوبي سڀ کان وڌيڪ وڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.