اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي مون کي خبر نه هئي ته منصور علي شاهه چيف جسٽس نه بڻجندو.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 26هين آئيني ترميم جهڙو ايڏو وڏو ڪم ڪنهن ٻئي چيف جسٽس جي موجودگي ۾ ممڪن نه هو، مولانا فضل الرحمان بنا اسان جا نمبر پورا هئا، اپوزيشن جي ان پٽ بنا به اسان جا نمبر پورا هئا.
هن چيو اسان پنهنجي مرضي جو آئين ٺاهي پئي سگهياسين پر پ پ جو طريقي ڪار رهيو آهي، ميثاق جمهوريت جو واقعو پورو ڪرڻو آهي ته مان زور زبردستي جو ووٽ نٿو چاهيان، جيڪي اختيار آئيني عدالت کي ملڻا هئا، اهي ته آئيني بئنچ کي ملي ويا.
سندس چوڻ هو ته 73ع جو آئين پاس ٿيو ته ان تي تنقيد ٿي، 18هين ترميم تي به تنقيد ڪئي وئي، اهي ئي ماڻهو هاڻ هن ترميم تي به تنقيد ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ وارا چئي رهيا آهن فارم 47، اسان چوندا هئاسين سليڪٽڊ، توهان ته مڃيندئو نه مان فارم 47 وارو آهيان ۽ نه سليڪٽڊ.
پ پ چيئرمين چيو مان ميثاق جمهوريت تي عمل ڪيو اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي نه پر پنهنجي ماءُ جي چوڻ تي، جڏهن ته پي ٽي آءِ باني جيڪو ڪيو، اهو اڄ ڀوڳي رهيو آهي.
You might also like