پوني ٽيسٽ: ڪيوي بيٽرن کي ”سُندر“ سمجهه ۾ نه آيو، پهرين اننگز ۾ 259 تي ڍير

پوني ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ جاري ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ پهرين اننگز ۾ 259 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڀارت پهرئين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 16 رنسون ٺاهي ورتيون.
پوني جي مهارشٽرا ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن اسٽيڊيم ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، نيوزيلينڊ طرفان ڊيون ڪانوي ۽ ٽام ليٿم اننگز جي شروعات ڪئي.
ڪيوي ٽيم جي پهرين وڪيٽ 32 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڪِري، ٽام ليٿم کي 15 رنسن تي ايشون ايل بي ڊبليو آئوٽ ڪيو.
نيوزيلينڊ طرفان اوپنر ڊيون ڪانوي 76، راچن رويندرا 65 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي، ٻين رانديگرن ۾ مچل سينٽنر 33، وِل ينگ ۽ ڊيرل مچل 18، 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
ڀارت طرفان واشنگٽن سُندر اٽڪل ٽن ورهين بعد ڊگهي فارميٽ ۾ شاندار واپسي ڪئي ۽ ست ڪيوي بيٽرز کي پويلين جو رستو ڏيکاريو، جڏهن ته روي چندرن ايشون ٽي وڪيٽون ورتيون.
ڀارت پهرين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 16 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، شُڀمَن گِل 10 ۽ يشسوي جئسوال 6 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا.
ڀارت جي واحد وڪيٽ ڪپتان روهت شرما جي صورت ۾ ڪِري هو کاتو کولڻ بنا ٽِم سائوٿي جو پهريون شڪار بڻيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.