راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه جي علائقي باجوڙ ۾ آپريشن ڪندي انتهائي گهربل دهشتگرد سميت 9 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز گذريل رات دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي باجوڙ ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، جنهن دوران 9 دهشتگرد ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويلن ۾ ٻه آپگهاتي بمبار ۽ انتهائي گهربل دهشتگرد اڳواڻ سيد محمد عرف قريشي استاد به شامل هو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ٿيو، دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين خلاف دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا.
Prev Post
You might also like