ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شفيع صديقي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جي چونڊ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته درخواست جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ بهتر آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 26هين ترميم جي آرٽيڪل 202 موجب ڪيس جي ٻڌڻي رڳو آئيني بينچ ئي ڪري سگهي ٿي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته آئين موجب جيستائين صوبائي اسيمبلي قرارداد پاس نٿي ڪري، تيستائين سموريون بينچون معمول موجب ڪم ڪري رهيون آهن. ريمارڪس چيف جسٽس حڪومتي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اهڙي ڪا قرارداد سنڌ اسيمبلي ۾ اچي رهي آهي؟ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جو عدالت ۾ موقف آهي ته ٺهراءُ پاس ٿيڻ تائين هي بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري سگهي ٿي، چيف جسٽس چيو ته عدالت درخواستگذار جي وڪيل طارق منصور جي موقف سان متفق ناهي، بهتر ٿيندو ته ڪارروائي ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪريون. ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.