دولتپورصفن (ن ع آ)اڳوڻي صوبائي صلاحڪار سردار محمد اسماعيل ڏاهري جون ڀينرون ۽ ٻيون گهر جو عورتون معصوم ٻارڙن سان گڏ پوليس زيادتين ۽ محمد اسماعيل ڏاهري، علي رضا ڏاهري ۽ ٻين گهر جي ڀاتين جي آزادي لاءِ دولتپورصفن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي محمد اسماعيل ڏاهري جي ڀينرن حميدان ڏاهري، فريدان ڏاهري ۽ محمد اسماعيل ڏاهري جي ماسي شريفان ۽ محمد اسماعيل ڏاهري جي معصوم ڀائيٽي حاجياڻي ڏاهري ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته محمد اسماعيل ڏاهري ۽ علي رضا ڏاهري کي هڪ مهينو گذريو ويو آهي، جيل ۾ آهن، اسان جي گهر ڀاتين ۽ ٻين غريبن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، گهران ٻاهران به پوليس موبائل بيهاري هراسان ڪيو پيو وڃي، معصوم ٻار خوف سبب اسڪول نه ٿا وڃي سگهن، پوليس ٻين گهر ڀاتين ساجن، رحيم بخش ۽ جاويد کي به کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ، پير صدر الدين شاھه راشدي، سيد زين شاھه ۽ انساني حقن تنظيمن کي اپيل ڪئي ته گهرڀاتين مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کنڀي گم ڪيل گهرڀاتين کي آزاد ڪرايو وڃي.