اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سوشل ميڊيا تي افواهون پکيڙيندڙن خلاف گهيرو تنگ، 15 سال سزا ۽ ڏنڊ جي منظوري، سوشل ميڊيا تي افواهون پکيڙيندڙن خلاف 15 سال قيد جي سزا ۽ ڏنڊ وڌو ويندو، وفاقي ڪابينا سوشل ميڊيا تي افواهون پکيڙڻ ۾ ملوث ماڻهن جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا نيشنل سائبر ڪرائمز انويسٽيگيشن ايجنسي رولز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن موجب رياستي ادارن ۽ عوامي شخصيتن خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سائبر ڪرائم ۾ ملوث جوابدارن کي 5 کان 15 سال قيد جي سزا ۽ ڏنڊ وڌو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته 11 مهينن کانپوءِ اين سي سي آءِ اي مڪمل اختيارن سان سرگرم ٿي وئي آهي، اين سي سي آءِ اي سائبر ڪرائمز خلاف ڪارروائي لاءِ عالمي ادارن سان رابطي جو حق رکي ٿي. نگران حڪومت ڊسمبر 2023ع ۾ اين سي سي آءِ اي جي قيام جي منظوري ڏني هئي، ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ کي ختم ڪيو ويندو ۽ لاڳاپيل آفيسر هڪ سال تائين اٿارٽي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندا.