ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي ته رات جي تاريخي ۾ پارليماني ترميمن کي اعليٰ عدليه جي آزادي تي راتاهو سمجهون ٿا. من پسند ترميمن ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جو پيرَو سنڌين جي ووٽن تي کٽي ايندڙن ڏانهن وڃي ٿو، جنهن جي ڀرپور مذمت ڪجي ٿي. اھڙن خيالن جو اظهار ھن لاڙڪاڻي جي مقامي ھوٽل ۾ پنھنجي اعتزاز ۾ رٿيل آجياڻي کي خطاب دوران ڪيو. جنهن ۾ جماعت اسلامي اڳواڻ ۽ لاڙڪاڻه بار جي سابق صدر عاشق ڌامراهه، ضلعي امير قاري ابو زبير جکرو، مقامي امير رميز راجا شيخ، جي يو آءِ جي محبت علي ٻرڙو، ڊاڪٽر مظهر علي مغل ايس يو پي، علامه عمران علي مجسل وحدت المسلمين، علام علي اصغرجنتي شيعا علما ڪونسل، عزيز احمد قاسمي پي ٽي آءِ، حافظ روشن انقلابي، مولانا شعيب جوڻيجو جمعيت علما پاڪستان، احمد بخش ڪورائي نواز ليگ سميت شهر جي مختلف سياسي سماجي ديني تنظيمن جي اڳواڻڻ، صحافي، ڊاڪٽرز، انجنيئرز ۽ مک واپاري تنظيمن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪاشف سعيد شيخ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته عام ماڻهوءَ کي انصاف ڏيڻ لاءِ آخري سهارو سُپريم ڪورٽ آهي جنهن کي به حڪمرانن يرغمال بڻائي ملڪ ۾ نسل درنسل بادشاهت ۽ عوام کي غلام بڻائڻ جي منصوبي تي عمل ڪيو آهي.