غزا ۾ اسرائيلي بمباري سبب وڌيڪ 73 فلسطيني شهيد،130 زخمي

غزا ( م ڊ ) غزا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي فوج جي وحشياڻي بمباري سبب 73 فلسطيني شهيد ۽ 130 زخمي ٿي  پيا. عرب ميڊيا موجب غزا شهر ۾ رهائشي عمارت تي بمباري جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 4 ڄڻا شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا. ديرالبلاح ۾ اسرائيلي فوج گڏيل قومن جي امدادي اداري يو اين آر ڊبليو اي جي گاڏي کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ يو اين آر ڊبليو اي جي ميمبر سميت 2 ڄڻا شهيد ٿي  ويا.عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج نصيرات ۾ به بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ فلسطيني شهيد ٿي ويو جڏهن ته 6 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. عرب ميڊيا موجب غزا  ۾ گذريل سال 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيدن جو انگ 42 هزار 792 ٿي ويو آهي جڏهن ته زخمين جو انگ هڪ لک کان وڌي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.