اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) جسٽس امين الدين ۽ جسٽس نعيم افغان خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايتون داخل ڪيون ويون آهن، شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته ججن رياستي ادارن کي ڪجهه سيٽن تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ تي آگاهه ڪيو.سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين ۽ جسٽس نعيم افغان خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايتون داخل ڪيون ويون آهن. ٻن شهرين طرفان ٻن ججن خلاف شڪايتون داخل ڪيون ويون، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس امين الدين کي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندي ڏٺو ويو آهي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته ٻنهي ججن کي عهدن تان هٽايو وڃي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ٻن ججن رياستي ادارن کي ڪجهه سيٽن تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ تي آگاهه ڪيو، ججن جي ضابطه اخلاق جي آرٽيڪل 2، 3 ۽ 9 جي ڀڃڪڙي آهي. درخواست ۾ چيو ويو ته اختلافي نوٽ ۾ ٻن ججن پاران ڏنل آبزرويشن سپريم ڪورٽ جي جج جي لائق ناهي، ٻنهي ججن خلاف آرٽيڪل 209 ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل رولز تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.