ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي احسن آباد واري علائقي ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي فرحان نالي هڪ ڄڻو مارجي ويو. گهرڀاتين موجب فرحان مالي پريشاني جو شڪار هو، سندس ڌيءَ بيمار هئي، ان ڪري هو سندس علاج لاءِ زال جا زيور وڪرو ڪري 70 کان 80 هزار رپيا کڻي اچي رهيو هو. وارث چيو ته فرحان گهر ڇڏي ويو ۽ چيو ته مان اچي پنهنجي ڌيءَ کي دوا وٺي ڏيندس. مقتول جي زال موجب جڏهن فرحان کي گوليون لڳيون ته هو مون سان فون تي ڳالهائي رهيو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان فرحان جو موبائيل فون هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. واضح رهي ته هن سال ڪراچي شهر ۾ ڦرلٽ دوران مزاحمت ڪرڻ تي 104 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.