لاڙڪاڻو (ڊ ر) مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 13 هين ورسي سڄي سنڌ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ دعائيه تقريبون منعقد ڪيون ويون، ان حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي تي ان عزم جو اظهار ڪيون ٿا ته جمهوريت جو تسلسل قائم رکڻ لاءِ ڪا به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين. 26 هين ترميم جي منظوري جمهوري قوتن ۽ جمهوريت جي فتح آهي.هن چيو ته آئيني ترميم جي منظوريءَ لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻين سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي راضي ڪيو جنهن تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ کي سڀني کان وڏو جمهوري سياسي ليڊر ثابت ڪيو آهي ۽ هاڻي بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم بڻجڻ جو وقت ويجهو اچي چڪو آهي ۽ هو جلد پاڪستان جو وزيراعظم بڻجندو.