اپيل جي فيس 50 هزار مان 10 لک؟ سوشل ميڊيا تي طوفان

اسلام آباد(م ڊ) 26هين آئيني ترميم جي منظوري ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي کي سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس مقرر ڪرڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڪجهه وڏن  نالن دعويٰ ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي فيس 50 هزار کان وڌائي 10 لک رپيا ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا صارفين طرفان طوفان برپا ٿي ويو آهي، يوٽيوبر عمران رياض خان ۽ ڪالم نگار هارون الرشيد دعويٰ ڪئي آهي ته 26هين آئيني ترميم جي روشني ۾ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي فيس 50 هزار مان وڌائي 10 لک رپيا ڪئي وئي آهي، هڪ ٻئي صارف چيو ته الله کان دعا آهي ته عدالتن کي منهن نه ڏيکاري، حقيقت اها آهي ته ان خبر ۾ ڪا به صداقت ناهي، چوڌري شاهد محمود ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ”ڪٿي پڙهي به وٺندا ڪريو“ هن ان کي انتهائي غير ذميواراڻي خبر قرار ڏنو، ترميمي دستاويزن ۾ ”پچاس هزار“ ۽ ”10 لکن“ (يعني هڪ ملين) جو ذڪر آهي، پر ان جو تعلق سپريم ڪورٽ ۾ اپيل جي فيس سان ناهي، آئين جو آرٽيڪل 185 سپريم ڪورٽ جي حدن جو ذڪر ڪري ٿو، هن ترميم جو مطلب آهي ته سپريم ڪورٽ 10 لکن کان گهٽ قيمت واري ڪنهن به دعوي کي نه ٻڌندي.

  • فوجي اڏن تي حملا ڪندڙن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلڻ گهرجن: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته فيض حميد جو ٽرائل اڃا شروع ناهي ٿيو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير  چيو ته فوجي اڏن تي حملا ڪندڙن جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلڻ گهرجي. هن چيو ته فريم ورڪ ٺاهڻو پوندو جيڪو معاملو آئيني آهي ان کي آئيني عدالت ۾ هلائڻ گهرجي. ڳالهين دوران خواجا محمد آصف تصديق ڪئي ته فيض حميد جو ٽرائل اڃا شروع ناهي ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.