دانشور ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين جو سرواڻ راحت سعيد وڇڙي ويو

ڪراچي ( رپورٽر )ملڪ جو ترقي پسند دانشور، انجمن ترقي پسند مصنفين جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل جناب راحت سعيد لاڏاڻو ڪري ويو.  راحت سعيد جو صبح ڪراچي ۾ سندس رھائشگاھ ڪلفٽن ۾  انتقال ٿي ويو۔ مرحوم جي جنازي نماز  امام بارگاه يثرب ڊفينس فيز 4 ۾ ادا ڪئي ويئي جنھن ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين، ترقي پسند اڳواڻن، سماجي ادارن جي نمائندن، اديبن، شاعرن،صحافين، سياسي، سماجي شخصيتن ۽ شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ مرحوم لاء خصوصي دعائون گھريون ويون۔ ان بعد مرحوم جي تدفين پي اي سي ايڇ سوسائٽي جي طارق روڊ واري قبرستان ۾ ڪئي ويئي. انجمن ترقي پسند مصنفين جي وفد صوبائي صدر رياض شاھد دايو، انجمن ڪراچي جي صدر سيد ڪرم علي شاهه، جنرل سيڪريٽري علي محمد ميمڻ ۽ نعيم شيخ جوائنٽ سيڪريٽري مرحوم جي نماز جنازه سميت سمورين آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي ۽ مرحوم جي قبر تي گل رکيا ۽ اجرڪ چاڙھيو۔ ان موقعي تي انجمن جي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته مرحوم راحت سعيد 14 سيپٽمبر 2024ع تي پنھنجي زندگي جو آخري ڀيرو انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي تنظيم پاران ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ خاص مھمان طور  شرڪت ڪئي، ۽ يادگار خطاب ڪيو ۽ ڪانفرنس جي پڄاڻي تي يادگار شهداء آزادي ”ايمپريس مارڪيٽ“ ۾ انجمن جي نمائندن ۽ ساٿين جي قيادت ڪئي ، يادگار تي گل رکيا ويا ۽ شمعون روشن ڪيون ويون۔ انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي تنظيم جي نائب صدر منصور کوکر ، رابطه سيڪريٽري لياقت عباسي ، خزانچي گل محمد منگي راحت سعيد جي لاڏاڻي کي وڏو نقصان قرار ڏيندَي چيو  ته سندس اوچتو وڇوڙو ملڪ جي ترقي پسندن ۽ انسان دوست ڌرين جو تمام وڏو نقصان آھي۔ اسين مرحوم جي روح جي ابدي سڪون لاء دعاڳو آھيون۔

راحت سعيد ترقي پسند تحريڪ کي ٻيهر متحرڪ ڪيو: ڊاڪٽر جعفر

ڪراچي: راحت سعيد جي وڇوڙي سان هڪ روشن خيال دانشور جو خال ٿي ويو آهي، جنهن جو پورائو جلدي نہ ٿي سگهندو. اهڙن  خيالن جو انجمن ترقي پسند مصنفين جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر سيد جعفر احمد، سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري سجاد ظهير ۽ ڪراچي ڪاميٽي جي ميمبر علي اوسط جعفري نالي واري ترقي پسند اديب راحت سعيد جي وڇوڙي تي ڪيو. هنن چيو تہ راحت سعيد ترقي پسند تحريڪ کي ٻيهر فعال ڪرڻ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، خاص ترقي پسند رسالي "ارتقا” کي پنهنجي دوستن سان گڏجي جاري ڪرڻ رد انقلاب واري دور ۾ اهم ڪم هو. ترقي پسند تحريڪ جي اهم اڳواڻن ۽ دانشورن جي جنم جون سوسالا تقريبون ملهائڻ ترقي پسند تحريڪ جي بانين کي وڏو خراج تحسين هو. هنن وڌيڪ چيو تہ "ارتقا” جهڙو تحقيقي ادارو قائم ڪندڙ ان ٽهي جو آخري نمائندو راحت سعيد هو جيڪو هاڻ موجود ناهي رهيو. هنن چيو تہ 2005ع ۾   انجمن ترقي پسند مصنفین جي باني جنرل سيڪريٽري سجاد ظهير جو سوسالا جشن پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ملهائڻ ۾ راحت سعيد اهم ڪردار ادا ڪيو.

راحت سعيد، سيد، ابراهيم جوئي ۽ سوڀي گيانچنداڻي جي ويجهو رهيو

ڪراچي( رپورٽر)  ترقي پسند تحريڪ ۾ مثالي ڪردار ادا ڪندڙ ناليوارو ترقي پسند دانشور راحت سعيد هميشه لاء وڇڙي ويو.   راحت سعيد, انجمن ترقي پسند مصنفين کي ٻيهر متحرڪ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اسي جي ڏهاڪي ۾ هۡن پنهنجي ترقي پسند دوستن سان گڏجي "ارتقا” رسالو جاري ڪيو. جنهن رسالي ڪيترائي نوجوان ترقي پسند ليکڪ نروار ڪيا.  سوويت يونين جو خاتمو ڇا ٿيو، گهڻائي ڪامريڊ سوشلزم کان توبهه تائب ٿي ويا ۽ ڪيترائي ادارا به ختم ٿي ويا جن ان دور ۾ سوويت يونين جي پٺڀرائيءَ سان ڪم پئي ڪيو. انهن ۾ هڪ "ايفروايشن رائيٽرس يونين” به هئي، جيڪا ڊگهي عرصي جي ماٺار کانپوءِ 2012ع ۾ مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ ٻيهر "آفريڪن ايشن رائيٽرس يونين” جي نالي سان بحال ڪئي وئي. ان جو "پاڪستان چيپٽر” راحت سعيد قائم ڪيو، جيڪو قاهره ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿيو هو. راحت سعد جا ترقي پسند ليکڪن ۽ سياستدانن سان گهرا واسطا هئا، جن ۾ سائين جي ايم سيد، محمد ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، رسول بخش پليجو ۽ ٻيا ڪيرائي شامل هئا. راحت سعيد سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ ڊگهي عرصي تائين پل جو ڪردار ادا ڪيو. راحت سعيد 23 آڪٽوبر 2024ع اربع ڏينهن صۡبح سوير وفات ڪري ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.