ڪراچي (رپورٽر ) محمودآباد ٿاڻي جي حد ۾ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل عبدالفتاح چانڊيو تي حملي خلاف وڪيل برادري روڊن تي نڪري آئي، ڪراچي بار جي وڪيلن ڪورنگي روڊ بند ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون. جنهن جي اڳواڻي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر وڙائچ جنرل سيڪريٽري اختيار علي چنه ڪئي. احتجاج ۽ روڊ بند هئڻ سبب گاڏين جو قطارون بيهجي ويون، وڪيل اڳواڻن چيو ته اسان جي وڪيل تي رات جو حملو ڪيو ويو آهي، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.