ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ ۾ آل پارٽيز موومينٽ ۽ شھري اتحاد پاران شھر سميت ضلعي اندر بدامني، ڀتاخوري، قبيلائي دھشتگردي، غنڊاگردي، بدمعاشي، ڏوھاري راڄ خلاف 29 ڏينهن تي به سوين شھرين امن جي دل ۾ تمنا رکي امن جا جھنڊا کڻي، گم ٿيل امن جي ڳولا لاءِ بتيون ٻاري گھنٽاگھر چوڪ کان وٺي پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو، مظاھرين امن زنده آباد، امن جي ڌرتي امن ٿي چاھي امن ڏيو، امن ڏيو، سنڌ ڌرتي ڌڻين کي امن ڏيو جي زوردار نعريبازي ڪندي اڳواڻن خطاب ڪندي ڊاڪٽر ميھر چند، دلمراد ڏاھاڻي، حاجي حضور بخش مغل، ظريت بجاراڻي، اڪرم باجڪاڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، والي ڏنو سنڌي، سجاد بروھي، فدا محمداڻي، شاھنواز مرھيٽو، شعبان خان جکراڻي، طارق خان باجڪاڻي، ھريش ڪمار، شمن علي باجڪاڻي، غلام رسول ملڪ، احسان خان جکراڻي، اصغر شيخ، ڇوٽو خان جکراڻي، ڪامريڊ عباس، سنتوش اگروال، پرتاب لال، پرڪاش لال ۽ ٻين چيو ته ڪنڌڪوٽ شھر سميت سڄو ضلعو ڏوھارين جي رحم و ڪرم تي آهي جڏھن ۽ جنهن ٽائيم چاھين ٿا ڦر، اغوا، مزاحمت تي قتل، واپارين، معززين شھرين کان ڀتو وٺي رھيا آهن اھڙي تباھي سبب ڪافي تعداد ۾ سرندي وارا لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن، باقي به لڏڻ جي ڪوششن ۾ آهن، اسين پنهنجي تحريڪ کي جاري رکندي ايندڙ اڱاري ڏينھن 29 تاريخ تي شٽربند ھڙتال ڪري انڊس ھاءِ وي بند ڪنداسي،