اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)هٿيار۽ شراب برآمدگي ڪيس ۾ اسلام آباد جي مقامي عدالت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي گرفتار ڪري ڇويهين آڪٽوبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ علي امين گنڊاپور جي خلاف هٿيار ۽ شراب برآمدگي واري ڪيس جي سول جج مبشر حسن ٻڌڻي ڪئي .
ٻڌڻي دوران علي امين گنڊاپور عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جڏهن ته سندس وڪيل ظهور الحسن عدالت ۾ پيش ٿيو.
علي امين گنڊاپور جي گرفتاري وارنٽ جي تعميلي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي، رپورٽ موجب پوليس ضمانت نه ٿيڻ جوڳي گرفتاري تي عملدرآمد ناهي ڪيو.
عدالت ايس ايس پي آپريشن اسلام آباد کي گرفتاري وارنٽ تي عملدرآمد ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت طرفان ايندڙ ٻڌڻي تي علي امين گنڊاپور کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
عدالت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي ضامن نوٽيس جاري ڪندي علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ برقرار رکندي ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like