ملتان( ويب ڊيسڪ ) وفاقي جاچ ايجنسي ( ايف آءِ اي ) جي سائبر ڪرائيم ونگ مبينا غير اخلاقي وڊيوز سوشل ميڊيا تي نشر ڪرڻ جي الزام هيٺ مرحوم ڊاڪٽر عامر لياقت جي اڳوڻي گهرواري ۽ ٽِڪ ٽاڪر دانيا شاهه جي مڙس کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايف آءِ اي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب، سائبر ڪرائيم ونگ جوابدار شهزاد عرف لوها پاڙ کي گذريل ڏينهن پنجاب جي شهر ملتان جي علائقي شجاع آباد مان گرفتار ڪيو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار سوشل ميڊيا تي غيراخلاقي وڊيوز پوسٽ ڪيون هيون.
ترجمان موجب، گرفتار جوابدار ڊاڪٽر عامر لياقت جي اڳوڻي گهرواري دانيا شاهه جو مڙس آهي.
ايف آءِ اي موجب، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ قانوني ڪاررائي شروع ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته ايف آءِ اي حڪيم شهزاد کي جنهن وائرل وڊيو جي بنياد تي گرفتار ڪيو آهي ان ۾ حڪيم شهزاد چاچا سرائيڪي نالي ٽِڪ ٽاڪر کي لاهور جي نجي ڪاليج ۾ پيش آيل مبينا زيادتي واري واقعي تي خاموشي اختيار ڪرڻ بابت سوال ڪري ٿو جنهن تي چاچا سرائيڪي اڻوڻندڙ جواب ڏئي ٿو.
ان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو جاري ڪندي هن پنهنجي گفتگو تي معافي پڻ ورتي هئي.
غير اخلاقي وڊيوز شيئر ڪرڻ وارو مامرو، عامر لياقت جي اڳوڻي زال دانيا شاهه جو مڙس گرفتار
You might also like