نواز الدين ڏچي ۾، هندو انتها پسند اداڪار جي پويان پئجي ويا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار نواز الدين صديقي هڪ اشتهار کانپوءِ وڏي ڏچي ۾ پئجي ويو آهي.
هڪ انتهاپسندن هندو تنظيم طرفان اداڪارا خلاف مهارشٽرا پوليس جي ساک کي ڇيهو رسائڻ جو الزام مڙهيندي سندس خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، انتها پسند تنظيم ” هندو جن جاگرتي سميتي“ طرفان ممبئي پوليس جي ڪمشنر ۽ ڊائريڪٽر جنرل پوليس مهارشٽرا کي خط لکيو ويو آهي.
خط ۾نواز الدين صديقي ۽ بِگ ڪيس پوڪر جي مالڪ انڪور سنگهه خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
خط جي متن موجب، تنظيم الزام مڙهيو ته آن لائين گيمنگ پليٽ فارم جي هڪ اشتهار ۾ نواز الدين پوليس آفيسر جو ڪردار ۾ ماڻهن کي پوڪر کيڏڻ جو مشورو ڏئي رهيو آهي، سندس اهڙو عمل مهارشٽرا پوليس جي ساک کي نقصان پهچائي رهيو آهي.
خط ۾ انتها پسند تنظيم طرفان نواز الدين خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو ويو آهي ته اِِهو اشتهار قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ تذليل جوڳو ۽ بي عزتي تي ٻڌل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.