ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان جا جج هيڊلائينز بڻجندڙ سياسي ڪيسن ۾ وڌيڪ وقت لڳائيندا آهن.
هڪ بيان ۾ وڏي وزير چيو ته وفاقي آئيني عدالت بينظير ڀٽو جي منشور جو به حصو هئي، آئيني بئنچز ۾ سمورن جي صوبن جي نمائندگي يقيني بڻائي ويندي.
هن چيو ته ان کي بئنچ چئو يا ڪورٽ، ڪم اهو ئي ٿيندو جيڪو حڪومت چاهي پئي، وفاقي آئيني عدالت شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن جو حصو هئي.
وڏي وزير چيو ته آئيني ترميم سمورين پارٽين جي مشاورت سان ڪئي وئي، آئيني بينچز صوبن ۾ به ٺهنديون.
سندس چوڻ هو ته انصاف جي جلد فراهمي لاءِ آئيني ترميم اڻٽر هئي، چونڊ منشور ۾ آئيني عدالتن جي ڳالهه ڪئي هئي.
سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته اسان جا جج هيڊلائينز بڻجندڙ سياسي ڪيسن تي وڌيڪ وقت لڳائيندا آهن.
You might also like