ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هنڊريڊ انڊيڪس نئين رقم ڪري ڇڏيو.
ڪاروبار جي پڄاڻيءَ تي هنڊريڊ انڊيڪس 727 پوائنٽن جي واڌ سان 87 هزار 194 پوائنٽن جي بلند ترين سطح تي بند ٿي.
ڪاروباري ڏينهن ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ هزار 24 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو، هنڊريڊ انڊيڪس نئين بلند ترين سطح 87 هزار 309 پوائنٽ ٺهي.
بازار ۾ اڄ 69 ڪروڙ شيئرز جا سودا 26 ارب رپين ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 66 ارب رپين کان وڌيڪ 11 هزار 418 ارب رپيا آهي.
ڪاروبار جي شروعات ۾ هنڊريڊ انڊيڪس ۾ هاڪاري لاڙو ڏٺو ويو ۽ هنڊريڊ انڊڪيس 87 هزار جي تاريخي حد پار ڪري وئي.
You might also like