سڪندر رضا جي 33 بالن تي سينچري، زمبابوي ٽي ٽوئنٽي ۾ سڀ کان وڏو ٽوٽل جوڙي ورتو

نيروبي ( ويب ڊيسڪ ) زمبابوي ٽي ٽوئنٽي ۾ سڀ کان وڏو اسڪور ٺاهڻ جو نئون عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو.
زمبابوي جي ٽيم آءِ سي سي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي سڀ ريجنل ڪواليفائر ميچ ۾ گيمبيا خلاف رڪارڊ 344 رنسون ٺاهي ورتيون.
واضح رهي ته ان کان اڳ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 314 رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ نيپال وٽ هو جيڪو ان گذريل سال ايشين گيمز ۾ منگوليا خلاف ٺاهيو هو.
ڪينيا جي راڄڌاني نيروبي ۾ کيڏيل ميچ ۾ زمبابوي جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 344 رنسون ٺاهيون.
ڪپتان سڪندر رضا زمبابوي طرفان ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ پهرين سينچري اسڪور ڪئي.
سڪندر رضا 33 بالن تي سينچري مڪمل ڪئي ۽ 43 بالن تي 133 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، سندس اننگز ۾ پندرنهن ڇڪا ۽ ست چوڪا شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.