واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ اهم خبر، ڪمپني وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ميٽا طرفان واٽس ايپ ۾ هڪ اهم ۽ وڏي تبديلي جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪمپني طرفان واٽس ايپ ڪانٽيڪٽس واري سسٽم کي مڪمل طور تبديل ڪيو پيو وڃي.
واٽس ايپ ۾ بنيادي طور تي اُهي ڪانٽيڪٽس محفوظ ٿيندا آهن جيڪي اوهان جي پرائمري فون ۾ محفوظ هوندا آهن، جڏهن ته ٻين لنڪڊ ڊيوائسز ۾ واٽس ايپ ڪانٽيڪس کي محفوظ ڪرڻ ممڪن ناهي.
جيڪڏهن فون گم يا خراب ٿي وڃي ته پوءِ واٽس ايپ ڪانٽيڪس کي ٻيهر محفوظ ڪرڻو پوندو آهي.
اهڙي ريت هڪ ڊيوائس تي واٽس ايپ جا ٻه اڪائونٽ استعمال ڪرڻ تي به مسئلن جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.
اِهو ئي سبب آهي جو واٽس ايپ ۾ ڪانٽيڪٽ مئنيجر جو واڌارو ڪيو پيو وڃي.
اهڙي تبديليءَ کانپوءِ سمورا ڪانٽيڪس سڌي ريت ايپ ۾ محفوظ ٿيندا ۽ فون گم ٿيڻ يا تبديل ڪرڻ جي صورت ۾ اوهان کي اِهي ٻيهر محفوظ نه ڪرڻا پوندا.
ڪمپني موجب، ڪانٽيڪس محفوظ ڪرڻ وارو فيچر ايندڙ هفتن ۾ پهريان واٽس ايپ ويب ۽ ان جي ونڊوز لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.
ان کانپوءِ هوريان هوريان لنڪڊ ڊيوائسز ۾ به ڪانٽيڪٽس کي محفوظ ڪرڻ وارو عمل ممڪن بڻجي ويندو.
واٽس ايپ موجب، ان تبديلي لاءِ نئين ٽيڪنالوجي آئيڊنيٽي پروف لنڪڊ اسٽوريج ( آءِ پي ايل ايس ) جو استعمال ڪيو ويندو.
ان ٽيڪنالوجي تحت واٽس ايپ ۾ محفوظ نالا ۽ نمبر انڪرپٽڊ هوندا ۽ رڳو اوهان کي انهن تائين پهچ حاصل هوندي.
ڪمپني موجب، ويجهي مستقبل ۾ واهپيدار پنهنجا ڪانٽيڪٽس کي يوزرنيم سان به محفوظ ڪري سگهندا.
ان ڏس ۾ وڌيڪ تفصيل ان وقت جاري ڪيا ويندا جڏهن يوزر نيم وارو فيچر متعارف ڪرايو ويندو، يوزر نيم ذريعي واهپيدارن پنهنجو فون نمبر شيئر ڪرڻ کانسواءِ ٻين ماڻهن سان چيٽ ڪري سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.