بابر اعظم جو زوال، ٽيسٽ رينڪنگ ۾ وڌيڪ تنزلي

دبئي( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽيسٽ پليئرز جي هفتيوار رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
ٽيسٽ بيٽرز ۾ انگلينڊ جي جوءِ روٽ جي نمبر ون پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته اڳوڻي ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن جو ٻيو نمبر آهي.
انگلينڊ جي هيري بروڪ جي ٽِين جڏهن ته ڀارت جي رشڀ پنت ٽي درجا ترقي ماڻيندي چوٿين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.
رينڪنگ ۾ اڳوڻو ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي هڪ درجو وڃائڻ بعد نائين جڏهن ته بابر اعظم چار درجا تنزلي کانپوءِ اڻويهين نمبر تي هليو ويو آهي.
سريلنڪن بيٽر ڪمينڊو مينڊس هڪ درجو ترقي بعد ڏهين جڏهن ته انگلينڊ جو بين ڊڪٽ ٽي درجا ترقي بعد يارنهين نمبر تي اچي ويو آهي.
پاڪستان طرفان سڀ کان بهترين رينڪنگ آل رائونڊر سلمان علي آغا جي آهي جيڪو ٽيسٽ بيٽرز رينڪنگ ۾ 14 هين نمبر تي موجود آهي.
ٻئي پاسي ون ڊي بيٽنگ رينڪنگ ۾ بابر اعظم جي پهرين پوزيشن آهي، روهت شرما، شُڀمَن گِل ۽ ويرات ڪوهلي ترتيبوار ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي موجود آهن.
پاڪستان جي اوپننگ بيٽر فخر زمان جي رينڪنگ ۾ نائين پوزيشن آهي.
ون ڊي بالنگ رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ڪيشو مهاراج جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، راشد خان جي ٻي ۽ ڪُلديپ يادو جي ٽِين پوزيشن آهي.
ٽاپ ٽين بالرن ۾ پاڪستان جي شاهين آفريدي جو ستون نمبر آهي.
ون ڊي آل رائونڊرز رينڪنگ ۾ افغانستان جي محمد نبيءَ جي حڪمراني آهي جڏهن ته سڪندر رضا ٻي ۽ گلين ميڪسويل جي ٽين پوزيشن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.