تل ابيب( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته اسرائيل جو ايران تي جوابي حملو خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ جو سبب نه بڻجڻ گهرجي.
آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن اڄڪلهه وچ اوڀر جي دوري تي آهي ۽ اسرائيل مان سعودي عرب روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته ڪاميابين کي پائيدار اسٽريٽجڪ ڪاميابي ۾ بدلايو وڃي.
اسرائيل حماس جنگ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هن وقت اسان کي يرغمالين جي واپسي، جنگ جي خاتمي ۽ ان کانپوءِ جي رٿابندي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
اسرائيل جي ايران تي حملي بابت سوال جي جواب ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته اسرائيل ايران کي اهڙي ريت جواب ڏئي جيڪو خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ جو سبب نه بڻجي.
اسرائيل کي ايراني حملي جو ڪهڙي ريت جواب ڏيڻ گهرجي؟ آمريڪي پرڏيهي وزير ٻڌائي ڇڏيو
You might also like