انگلينڊ خلاف فيصلائتي ٽيسٽ کان اڳ گليسپي جو پنڊي جي پِچ بابت اهم بيان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي ريڊ بال هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي چيو آهي ته ٽِين ٽيسٽ لاءِ پِچ دلچسپ هوندي ۽ ٻئي ٽيمون ٽاس کٽڻ چاهين ٿيون.
پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽِين ۽ فيصلائتي ميچ خميس ( سڀاڻي ) کان شروع ٿيندي.
راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جيسن گليسپي چيو ته پنڊي ٽيسٽ لاءِ پِچ انتهائي خشڪ آهي، گاهه جو نالو نشان ناهي انڪري پِچ دلچسپ هوندي.
هن چيو ته فيصلائتي ٽيسٽ ميچ لاءِ ٻئي ٽيمون ٽاس کٽڻ جون خواهشمند هونديون، ميچ لاءِ سٺي تياري ڪئي آهي، ملتان ٽيسٽ ۾ فتح رانديگرن جو اعتماد بحال ڪيو آهي.
هيڊ ڪوچ چيو ته رانديگرن کي ٻاهرين دٻاءُ کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پهرين ٽيسٽ ميچ کانپوءِ تبديليون ڪيون، پهرين ميچ کانپوءِ نئين سليڪشن ڪميٽي ٺاهي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.