ناگپور ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر فلم ” دريشم “ مان متاثر ٿي گرل فرينڊ کي قتل ڪري سندس لاش دفنائيندڙ ڀارتي فوجي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، 33 ورهين جي ڀارتي فوجي اجي وانکڙي ۽ 32 سالا جيوتسنا آڪري جي ملاقات هڪ شادي پورٽل ذريعي ٿي، اجي جو تعلق ناگپور جي علائقي ڪئلاش نگر سان آهي،جنهن جي ناگالينڊ ۾ پوسٽنگ آهي جڏهن جيوتسنا طلاق يافته هئي ۽ هڪ دڪان تي ڪم ڪندي هئي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٻنهي جي دوستي جلد رشتي ۾ بدلجي وئي پر اجي جو خاندان سندس شادي ڪنهن ٻئي هنڌ ڪرائڻ جو خواهشمند هو جنهن سبب ٻنهي جا لاڳاپا بگڙجي ويا.
پوليس اهلڪار موجب، جوابدار اجي ٻي عورت سان شادي کانپوءِ جيوتسنا کي نظرانداز ڪرڻ شروع ڪيو ۽ جان ڇڏائڻ لاءِ قتل جو منصوبو ٺاهيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جڏهن اجي جيوتسنا جي ڪالز جو جواب ڏيڻ کان لنوائڻ لڳو ته عورت کيس ڳولڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳي.
سموري صورتحال کي نظر ۾ رکندي اجي جيوتسنا کي فون ڪئي ۽ 28 آگسٽ تي ملاقات لاءِ سڏايو، ان ڏينهن جيوتسنا گهروارن کي دوست جي گهر هڪ ڏينهن گذارڻ جو چئي اجي سان ملڻ لاءِ نڪتي.
پوليس موجب، ملاقات دوران اجي جيوتسنا کي بوتل ۾ نشي واري دوا ڏئي بهوش ڪيو ۽ پوءِ کيس گهٽو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.
جيوتسنا جي قتل کانپوءِ اجي شهر کان پري هڪ علائقي ۾ کڏو کوٽي جيوتسنا کي دفنائي مٿان سيمنٽ وجهي ڇڏيو جڏهن ته عورت جي موبائيل فون هڪ ٽرڪ ۾ اُڇلائي ڇڏي.
ٻئي پاسي ڌيءَ جي گهر واپس نه اچڻ تي جيوتسنا جي گهرڀاتين سندس گمشدگي جو اطلاع پوليس کي ڏنو ۽ پوليس جيوتسنا جي ڪال رڪارڊ ذريعي اجي تائين پهچي وئي جنهن کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو.
پوليس اهلڪار موجب، قتل جي ڪيس فلم دريشم سان ملندڙ جلندڙ آهي جتي جوابدار انتهائي احتياط سان قتل جي رٿابندي ڪئي ۽ پوءِ جيوتسنا کي قتل ڪيو.
You might also like