ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سلطان سلمان خان ڀارتي گينگسٽر لارنس بشنوئي طرفان ملندڙ موتمار ڌمڪين باوجود پنهنجي پروجيڪٽس تي ڪم جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڀارتي سياستدان بابا صديقي جو قتل ۽ لارنس بشنوئي گينگ طرفان دبنگ اسٽار کي ملندڙ مسلسل ڌمڪين سبب سلمان خان جا مداح سندس سيڪيورٽي جي حوالي سان ٻڏتر جو شڪار آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، لارنس بشنوئي گينگ جي ڌمڪين باوجود سلمان خان پنهنجن ايندڙ پروجيڪٽس جي شوٽنگ جاري رکڻ فيصلو ڪيو آهي ۽ هاڻ هو جڳ مشهور شو ” دبنگ ري لوڊڊ ايونٽ “ لاءِ دبئي ويندو.
ان شو ۾ سلمان خان کانسواءِ جيڪولين فرنينڊس، سوناڪشي سنها، سنيل گرور، منيش پال ۽ آسٿا جهڙيون مشهور شخصيتون پڻ شرڪت ڪنديون.