ويلنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ جي بيٽر چيڊ بووِس تيز ترين ڊبل سينچري جو ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
چيڊ بووِس لسٽ اي جي تيز ترين ڊبل سينچري جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو، هن نيوزيلينڊ جي علائقائي ڪرڪيٽ جي ون ڊي ٽرافي ۾ هيگلي اوول جي ميدان تي ڪنٽربري جي نمائندگي ڪندي اوٽا گوولٽس خلاف 103 بالن تي ڊبل سينچري مڪمل ڪئي.
چيڊ بووِس ، ٽريوس هيڊ ۽ نرائڻ جگاديسن جو 114 بالن تي ڊبل سينچري جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
ڪنٽري بري پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ نوَ وڪيٽن جي نقصان 343 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ چيڊ بوس 205 رنسن اننگز ۾ ست ڇڪا ۽ 27 چوڪا هنيا، 344 رنسن جي جواب ۾ اوٽاگو جي ٽيم 103 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
واضح رهي ته چيڊ بووِس ڇهه ون ڊي ۽ 11 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ نيوزيلينڊ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي ۽ لسٽ اي ۾ 99 ميچون کيڏي چڪو آهي.
You might also like