راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم انگلينڊ خلاف سيريز جي ٽِين ۽ فيصلائتي ٽيسٽ ميچ لاءِ پليئنگ اليون جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ سيريز جي ٽِين ۽ آخري ميچ خميس کان راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي.
ٽين ٽسٽ ميچ لاءِ پاڪستان ٽيم ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي، پنڊي ٽيسٽ ۾ قومي ٽيم ٽن اسپنرن نعمان علي، ساجد خان ۽ زاهد محمود سان ميدان تي لهندي جڏهن ته صائم ايوب ۽ عبدالله شفيق اننگز جي شروعات ڪندا.
پليئنگ اليون ۾ شان مسعود، ڪامران غلام، سعود شڪيل، محمد رضوان، سلمان علي آغا ۽ عامر جمال پڻ شامل آهن.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي اننگز 47 رنسن تان شڪست ڏني هئي، ٻي ميچ ۾ پاڪستان شاندار واپسي ڪندي انگلش ٽيم کي 152 رنسن تان هارائي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي هئي.
You might also like