بابا صديقي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، قاتل سان ڪير رابطي ۾ هو؟ پوليس پتو لڳائي ورتو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي جماعت نيشنلسٽ ڪانگريس پارٽي سان واڳيل سياستدان بابا صديقيءَ جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته بابا صديقي جو قاتل لارنس بشنوئي جي ڀاءَ انمول بشنوئي سان مسلسل رابطي ۾ هو .
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار انمول بشنوئي سان رابطي ۾ رهڻ لاءِ سوشل ميڊيا ويب سائيٽ سنيپ چيٽ تي مختلف اڪائونٽ استعمال ڪيا، انمول ڪئناڊا ۽ آمريڪا مان جوابدار سان رابطو قائم ڪيو جڏهن ته جوابدار جي قبضي مان چار موبائيل فونز پڻ هٿ آيون آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب، هڪ فيسبڪ پوسٽ ذريعي گينگ جي رڪن دعويٰ ڪئي هئي ته هن بابا صديقي کي سلمان خان سان ويجهن لاڳاپن ۽ دائود ابراهيم جهڙي انڊر ورلڊ ڊان سان مبينا رابطن سبب نشانو بڻايو آهي.
ان کان اڳ پوليس اِها به دعويٰ ڪئي هئي ته جوابدارن جي سنيپ چيٽ ذريعي بابا صديقي جي پٽ ذيشان جي تصوير به ملي آهي.
واضح رهي ته ڀارتي رياست مهارشٽرا جي اڳوڻي وزير بابا صديقيءَ کي باندره ايسٽ ۾ پٽ جي آفيس ٻاهران گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو.
بابا صديقي جي قتل جي ذميواري بشنوئي گينگ جي ساٿي شڀم راميشور لونڪر جي ڀاءَ فيسبڪ تي قبول ڪئي هئي جنهن کانپوءِ لونڪر جي ڀاءَ کي به گرفتار ڪيو ويو.
پوليس بابا صديقي جي قتل جي سلسلي ۾ ڏهن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي جنهن ۾ ٻه شوٽر ۽ هڪ هٿيار فراهم ڪندڙ پڻ شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.