سنڌ حڪومت جو پگهارن بابت اهم فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت گهٽ ۾ گهٽ پگهار جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
محنت کاتي جو ترجمان موجب، گهٽ ۾ گهٽ اجرت پهرين جولاءِ 2024ع کان لاڳو هوندي، وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ پگهار ۾ واڌارو ڪيو ويو .
ترجمان جو چوڻ آهي ته صوبي جي صنعتي ۽ تجارتي ادارن ۾ 37 هزار ماهوار پگهار هوندي ۽ عورت ورڪرز کي به مرد ورڪرز جي جيتري پگهار ڏني ويندي.
ترجمان موجب، ڪنهن به اداري ۾ اڳواٽ وڌيڪ پگهار ڏني پئي وڃي ته اِها گهٽائي نه ويندي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته نوٽيفڪيشن تحت سمورا ادارا حڪومتي فيصلي تي عملدرآمد جا پابند هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.