آءِ ايم ايف ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لُڪ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايم ايف ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لُڪ رپورٽ 2024 جاري ڪري ڇڏي.
آءِ ايم ايف جي آئوٽ لڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ مالي سال معاشي ترقي جي شرح 3 ڏهائي 2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گذريل مالي سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 ڏهائي 4 سيڪڙو تائين رڪارڊ ڪئي وئي.
ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ رپروٽ مجب پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح گهٽجي 7 ڏهائي 5 سيڪڙو تي اچڻ جو امڪان آهي، گذريل مالي سال پاڪستان ۾ بيروزگاري 8 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هن سال مهانگائي جي سراسري شرح 9 ڏهائي 5 سيڪڙو رهندي، جڏهن ته گذريل مالي سال پاڪستان ۾ مهانگائي جي سراسري شرح 23 ڏهائي 4 سيڪڙو رهي.
اڪنامڪ آئوٽ لڪ رپورٽ موجب هلندڙ سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڪاٽو 0 ڏهائي 9 سيڪڙو رهڻ جو ڪاٿو آهي، جڏهن ته گذريل مالي سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڪاٽو 0 ڏهائي 2 سيڪڙو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.