اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
توشا خانا ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي ضمانت جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عمير مجيد ۽ بشريٰ بي بي جو وڪيل سلمان صفدر پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن اوهان کي يا ڊپٽي اٽارني جنرل جي موقعو ته آذربائيجان وڃي ڏسو، آذربائيجان ۾ هڪ اهڙي ميوزيم آهي جتي تحفا رکيا ويندا آهن، سڄي دنيا جي صدرن کي جيڪي تحفا ملندا آهن اُهي اتي سندن تصويرن سان گڏ رکيا ويندا آهن.
جسٽس ميان گيل حسن چيو ته اتي وڃڻ ٿيو جتي بينظير ڀٽو جي تصوير نظر آئي، بدقسمتيءَ سان ڪنهن ٻئي ڪا به تصوير نه آئي.
هن چيو ته بشريٰ بي بي تحفا جمع نه ڪرايا ته پي ٽي آءِ باني کي جوابدار ڇو بڻايو ويو؟ جنهن تي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر چيو ته ڇو ته پبلڪ آفيس هولڊر پي ٽي آءِ باني عمران خان هو.
جسٽس ميان گل حسن چيو ته هي ته قاضي فائز عيسيٰ جهڙو ڪيس آهي، اُن ڪيس ۾ به مڙس کي زال جي ڪيتي جي جو ذميوار قرار ڏنو ويو هو، جنهن تي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر چيو ته هي ڪيس ان کان ٿورو مختلف آهي.
هن چيوته رياست کي ملندڙ تحفا جمع ڪرائڻ ۽ ڊڪليئرڪرڻا پوندا آهن، جيستائين اهي قانوني طريقي سان خريد نه ڪيا وڃن. اِِهي تحفا رياست جي ملڪيت هوندا آهن.
ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر چيو ته هي اهڙي تحفي بابت آهي جيڪو جمع ئي نه ڪرايو ويو ۽ اهڙي عمل جا نتيجا آهن، رياست جي ملڪيتي تحفي کي خريدڻ کان اڳ پاڻ وٽ نٿو رکي سگهجي.
جسٽس ميان گل حسن چيو ته توشا خانا جي تحفي جي قيمت جو درست ڪاٿو نيلامي ذريعي ئي لڳائي سگهجي ٿو، اوهان ڪنهن دڪان تان گهڙي وٺي نڪرو ۽ پوءِ وري ان جو مُلهه ڪرايو ته ڪيتري قيمت لڳندي؟
هن جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان کي بشريٰ بي بي کان پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي؟ جڏهن کان ڪيس منتقل ٿيو اوهان ڪا پڇا ڳاڇا ڪئي؟ جنهن تي ايف آءِ اي جاچ آفيسر جواب ڏنو ته کين ان جي ضرورت نه پئي.
ان کانپوءِ عدالت بشريٰ بي بي جي ضمانت جي درخواست منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت بشريٰ بي بي کي ڏهه، ڏهه لکن جا ٻه ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم پڻ ڏنو.
You might also like