ڪراچي بار پاران جسٽس منصور علي شاهه کي چيف جسٽس مقرر نه ڪرڻ جي مذمت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي بار ايسوسيئيشن جسٽس منصور علي شاهه کي چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر نه ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي.
بار ايسوسيئيشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي بار پُراميد آهي ته جسٽس يحيٰ آفريدي عدليا جي ساک بحال ڪندو جنهن کي بقول سندس رٽائر ٿيندڙ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نقصان پهچايو آهي.
ٻئي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ سنڌ بار ڪائونسل طرفان به جسٽس يحيٰ آفريدي کي نئون چيف جسٽس مقرر ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.
پنهنجي ڌار ڌار بيان ۾ بار ايسوسيئيشن ۽ با ڪائونسل نئين چيف جسٽس کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته جسٽس يحيٰ آفريدي جي مقرريءَ سان ملڪ ۾ عدليا کي فائدو ٿيندو ۽ انصاف جي فراهمي ممڪن ٿيندي ان کانسواءِ سمورن شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو.
هوڏانهن خيبر پختونخوا بار ڪائونسل جسٽس يحيٰ آفريدي جي چيف جسٽس پاڪستان طور مقرريءَ جي آجيان ڪئي آهي.
اربع ڏينهن جاري ڪيل پڌرائي موجب، خيبرپختونخوا بار ڪائونسل جو چوڻ آهي ته جسٽس يحيٰ آفريدي غير تڪراري، غير سياسي ۽ غير جانبدار شخصيت آهي ۽ هو چيف جسٽس طور پارليامينٽ جي بالادستي، قانون جي پاسداري، آئين جي عملدراري، سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي ۾ سموريون صلاحيتون ڪتب آڻيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.