اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي وچ ۾ ملاقات ٿي.
ذريعن موجب، ٻنهي ججن جي ملاقات چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جي چيمبر ۾ ٿي جنهن دوران چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي کي مبارڪباد ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس آفريدي ڪيسن جي ٻڌڻي کانپوءِ چيف جسٽس سان هڪ ڀيرو ٻيهر ملاقات ڪئي.
ذريعن موجب، جسٽس يحيٰ آفريدي جسٽس منصور علي شاهه جي چيمبر ۾ به ويو جڏهن ته نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي سندس چيمبر جي اسٽاف به مبارڪباد ڏني.
واضح رهي ته اڱاري ڏينهن ججن جي مقرري بابت خصوصي پارلياماني ڪميٽي جسٽس يحيٰ آفريدي جي چيف جسٽس طور مقرري جي منظوري ڏني هئي، جنهن بعد وزيراعظم شهباز شريف، صدر آصف علي زرداري کي جسٽس يحيٰ آفريدي جي چيف جسٽس طور مقرر ڪرڻ جي سفارش اماڻي هئي.