صدر جي منظوري بعد جسٽس يحيٰ آفريدي جي چيف جسٽس طور مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري جسٽس يحيٰ آفريدي جي چيف جسٽس آف پاڪستان طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري وزارت سندس مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو.
ايوانِ صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، صدر آصف علي زرداري، جسٽس يحيٰ آفريدي جي مقرري 26 آڪٽوبر کان ٽن ورهين لاءِ ڪئي.
پڌرائي موجب، صدر زرداري، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 175 اي ٿري، 177 ۽ 179 تحت ڪئي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته صدر آصف علي زرداري جسٽس يحيٰ آفريدي کي چيف جسٽس جي عهدي جو 26 آڪٽوبر تي قسم کڻائڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي.
صدر آصف علي زرداري جي منظوري بعد قانون ۽ انصاف واري وزارت طرفان جسٽس يحيٰ آفريدي جي چيف جسٽس طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن موجب، جسٽس يحيٰ آفريدي جي مقرري 26 آڪٽوبر کان ٽن سالن لاءِ ڪئي وئي آهي، نئون چيف جسٽس 26 آڪٽوبر تي عهدي جو قسم کڻندو.
واضح رهي ته اڱاري ڏينهن ججن جي مقرري بابت خصوصي پارلياماني ڪميٽي جسٽس يحيٰ آفريدي جي چيف جسٽس طور مقرري جي منظوري ڏني هئي، جنهن بعد وزيراعظم شهباز شريف، صدر آصف علي زرداري کي جسٽس يحيٰ آفريدي جي چيف جسٽس طور مقرر ڪرڻ جي سفارش اماڻي هئي.
جسٽس يحيٰ آفريدي جي ڪيريئر تي هڪ نظر
سپريم ڪورٽ جو جج جسٽس يحيٰ آفريدي 23 آڪٽوبر 1965ع تي ڊيرا اسماعيل خان ۾ پيدا ٿيو، شروعاتي تعليم ايچي سن ڪاليج لاهور مان حاصل ڪئي، گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان گريجوئيشن ۽ پنجاب يونيورسٽي لاهور مان ايم اي معاشيات جي ڊگري حاصل ڪئي.
ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ تي جيسس ڪاليج ڪيمبرج يونيورسٽي مان ايل ايل ايم جي ڊگري به حاصل ڪئي.
جسٽس يحيٰ آفريدي 1990ع ۾ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل جي حيثيت سان پريڪٽس شروع ڪئي ۽ 2004ع ۾ سپريم ڪورٽ جي وڪيل طور وڪالت جي شروعات ڪئي.
جسٽس يحيٰ آفريدي خيبرپختونخوا لاءِ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل طور خدمتون سرانجام ڏنيون، 2010ع ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج مقرر ٿيو.
نامز چيف جسٽس کي 15 مارچ 2012ع تي مستقل جج مقرر ڪيو ويو، 30 ڊسمبر 2016ع تي جسٽس يحيٰ آفريدي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي جو قسم کنيو.
جسٽس يحيٰ آفريدي 28 جون 2018ع تي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو، جسٽس يحيٰ آفريدي اعليٰ عدليا ۾ مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.
سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ لارجر بينچ جو حصو رهيو ۽ ڪيس بابت پنهنجو اختلافي نوٽ به لکيو هو.
ان کانسواءِ جسٽس يحيٰ آفريدي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي خلاف صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بينچ جو حصو پڻ رهيو…….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.